چٽو شينهن

چٽو شينهن

چٽو شينهن

چٽو شينهن Leopard/Panthera Pardus/: چِٽو شينهن، ايفرو ايشيائي چيتي (Cheetah Acinonyx Jubatus) کان مختلف جانور آهي پر حقيقيت اها آهي ته اهو لفظ اصل هندي ۽ سنسڪرت ٻوليءَ جو ’چتراڪا‘ يعني Leopard ئي آهي. ڪلهن تائين 26 انچ اوچائي، جسم جي ڊيگهه 36 انچ ۽ پُڇ 28 کان 38 انچ ڊگهو ٿئي ٿو. نَر جو وزن 50 کان 70 ڪلو گرام هوندو آهي. اڳيان چنبا ڪافي مضبوط هوندا اٿس. هن جي جسم تي گول ڇلي دار ڪارا چٽ ٿين ٿا. جسم جي هيٺئين ڀاڱي تي اهي چٽ هلڪا ٿين ٿا. اڪثر ڪري سندس پيٽ جو رنگ به اڇو يا هلڪو ٿئي، پڇ هموار ۽ ڊگهو ٿئي ٿو. شڪار تي حملو ڪرڻ وقت پڇ کي وٽ سٽ پيو ڏيندو آهي. چٽي شينهن جو پڇ ان جي ڪُل جسم جي ڀيٽ ۾ ٽئين حصي جيترو ٿئي ٿو. اڪثر گهاٽن ٻُوڙن يا جابلو غارن ۾ رهندو آهي. جبل تي چڙهڻ ۾ ڪافي مهارت رکي ٿو، تارُو به آهي. تمام محتاط ۽ لڪل رهندو آهي، ان ڪري تمام گهٽ ڏسبو آهي. اڪثر اونداهيءَ ۾ شڪار ڪندو آهي. چڪ سان شڪار ڪندو آهي ۽ چنبن کان به مدد وٺي ٿو. ان جو موت اڪثر ڪري بک ۽ اڃ سبب ٿيندو آهي يا وري ان وقت ماڻهن هٿان مارجي ويندو آهي، جڏهن انساني آبادين کي ويجهو ايندو آهي. پاڪستان ۾ هيءَ جنس هاڻي خطري هيٺ آهي، کير ٿر ۾ ان جو نسل مشڪوڪ ٿي ويو آهي پر کير ٿر کان اولهه طرف بلوچستان ۾ باقي آهي. گذريل ويهارو کن سالن کان کير ٿر ۾ نظر نه آيو آهي. ڪارو شينهن به نسلي طرح چٽو ئي آهي پر قدرتي طرح ان ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪارو رنگ وڌيڪ هئڻ ڪري اهو وڏي ڪاري ٻلي جهڙو نظر ايندو آهي. چٽي شينهن جو تعلق کير ٿر جي ماحول سان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو